سَوَا طِعُ الاِلهَامِ

سَوَا طِعُ الاِلهَامِ

سَوَا طِعُ الاِلهَامِ

سَوَا طِعُ الاِلهَامِ (ڪتاب): مغل شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي نؤرتنن مان هڪ ملا فيضي هو، جنهن قرآن مجيد جو بي نقط تفسير ’سوا طع الالهام‘ جي نالي سان لکيو. ملا ابو الفيض ’فيضي‘ شيخ، شيخ مبارڪ جو پٽ ۽ نامور مؤرخ ابو الفضل جو وڏو ڀاءُ هو. هي آگري ۾، 1547ع ۾ پيدا ٿيو. هي وڏو شاعر هو، انهي ڪري اڪبر کيس ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب عطا ڪيو. فيضي پنهنجي دؤر جو تمام وڏو عالم هو ۽ هن پنهنجي 48 سالن جي مختصر عمر ۾ 101 ڪتاب تصنيف ڪيا. فيضيءَ وٽ پنهنجو هڪ وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو 1595ع ۾ هن جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
ملا ابوالفيض فيضي شيخ جي 101 تصنيفن مان سڀني کان ناياب ۽ لاجواب تصنيف ’سوا طع الالهام‘ نالي قرآن پاڪ جو بي نقط (بنا نقطن) جي تفسير آهي. تاريخ اسلام ۾ سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو عربي ٻوليءَ ۾ بي نقط تفسير لکڻ جو اعزاز صرف ملا فيضيءَ کي حاصل آهي. اهڙو تفسير نه ڪو پهرين ڪڏهن لکيو ويو هو ۽ نه وري اڄ تائين لکيو ويو آهي. قرآن جي هن سڄي تفسير ۾ اهڙا حرفن وارا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي بنا نقطن جي آهن. سورة اخلاص جو تفسير نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
بسم الله الرحمن الرحيم لما سال الحمس رسول الله صلعم وارادوا اعلاء محامد الله ارسل الله قل محمد هو الله احد- واحد لامساهم لھ ولا الھ سواه اصلھ وحد ورو واهو الله الواحد ورو وا احد الله موصولا الصمد- المصمود المعمود امالا واعمالا لڪل ماعداه وهوالمالڪ الحاڪم لما اراد لامرد لحڪمھ ولا . . . . . . . الخ“.
قرآن جي سڀ کان پهرين بي نقط تفسير جي تقريظ ان وقت نامور عالمن لکي، جن مان لاهور جي قاضي القضات علامه شهيد الثالث نورالله شوستري رحمة الله عليه جي لکيل تقريظ تمام اهم آهي. ملا فيضيءَ هي تفسير سن 1002هه/ 1593ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ تي ابوالفيض عربي ٻوليءَ ۾ 49 بندن تي مشتمل قطعه تاريخ چئي. انهيءَ شعر جي 49 بندن جي اٺانوي مصرعن مان هر هڪ مصرع مان هجري سن 1002هه نڪري ٿو:
”صرط اعلام اسرار الاء الله
1002هه
”مطلھ دح اد راد صعود اسماء الله
1002هه
ان کانسواءِ ان وقت جي سوين فارسي گو شاعرن هن تفسير جي مڪمل ٿيڻ تي لاجواب قطعه تاريخون چئي ملافيضيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اهو تفسير سڀ کان پهرين منشي نولڪشور لکنؤ مان ڇپايو. جهازي سائيز ۾ 780 صفحن تي مشتمل هي قرآن مجيد جو تفسير منشي نولڪشور لکنؤ مان جمادي الاول 1306هه/ جنوري 1889ع ۾ شايع ڪري منظر عام تي آندو. ان جي ڇپجڻ واري سال تي مولانا اشرف عليءَ هيٺين قطع تاريخ چئي:
گشت مطبوع نسخهء عالي
فيض بخش دلِ صغير و ڪبير
اشرف نڪته سنج تاربخش
گفت ”شد طبع بي نقط تفسير“.
1306هه


هن صفحي کي شيئر ڪريو